علامه غلام صديق شهدادڪوٽي

علامه غلام صديق شهدادڪوٽي : علامه غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شمار سنڌ جي مشهور بزرگن ۽ علمائن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم بلوچستان جي هڪ ڳوٺ ڪنڊي ۾ 4 ربيع الاول 1260هه بمطابق 24 مارچ 1844ع تي ٿيو. ابتدائي زماني ۾ ڪنڊي بلوچستان ۾ رهيو ۽پوءِ پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد سان گڏ سرائي پير بخش جي خواهش تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي شهدادڪوٽ ۾ اچي رهيو ۽ انهيءَ ڳوٺ جي نالي پويان شهدادڪوٽي جي لقب سان سڏجڻ لڳو. سندس خاندان اعلى صفتن جو مالڪ هو. انهيءَ خاندان ۾ ڪيتريون ئي بزرگ هستيون ٿي گذريون آهن. هي خاندان ديني توڙي بزرگيءَ جي لحاظ سان اعليٰ رهيو. مولانا صديق کي ابتدا کان ئي صاف سٿرو ماحول ميسر ٿيو. پاڻ جنهن ماحول ۾ اک کولي هئائين اهو مذهبي هو. هن تعليم جي شروعات قرآن شريف جي پڙهڻ سان ڪئي. وڌيڪ تعليم پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي مشهور ديني مدرسي ’نور محمديه‘ شهداد ڪوٽ مان 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ علمي فراغت جي سند حاصل ڪيائين. سندس طريقت جو سلسلو قادريه هو ۽ مولانا ميان غلام حيدر قادريءَ جو مريد هو. 14 سالن جي عمر ۾ کيس خلافت ملي، سندس مکيه همعصرن ۾ مولانا عبدالغفور همايوني، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسيني ۽ مولانا عبدالرحمان سکرائي جا نالا قابل ذڪر آهن. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ مدرسه نور محمديه ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. وٽانئس فارغ التحصيل شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان علامه حسن الله پاٽائي ۽ مولانا غلام محمد مهيسر قابل ذڪر آهن. هن ڪيتريون ئي شرعي فتوائون صادر ڪيون هيون، جيڪي هڪ نهايت ضخيم جلد جي صورت ۾ موجود هيون، جنهن کي ‘جنگ’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مولانا عبدالوهاب چاچڙ ماهنامه شريعت جي سوانح نمبر ۾ لکي ٿو ته: “سنڌ جي مشهور عالم مولانا حافظ گل محمد شهدادڪوٽيءَ جي شاگردن مان مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي وڏي شهرت حاصل ڪئي. مولانا غلام صديق ايڏو ذهين هو جو درس نظامي جي سڀ کان دقيق ڪتاب جي سبق لاءِ استاد کيس راند مان وٺي ايندو هو. کيس سبق پڙهائي ان کان تقرير پڇندو هو ته اتي جو اتي سڄي تقرير دهرائي ويندو هو. کانئن 23 عالم فارغ التحصيل ٿيا.” مولانا صديق فارسي زبان ۾ ‘عمليات صديقي’ نالي ڪتاب تصنيف ڪيو. سندس وفات 23 ربيع الاول 1323هه/28 مئي 1905ع تي ٿي. سندس مزار شهدادڪوٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1844.03.24  عيسوي

علامه غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو جنم 4 ربيع الاول 1260هه بمطابق 24 مارچ 1844ع تي ٿيو.


1905.05.28  عيسوي

علامه غلام صديق شهدادڪوٽيءَ 23 ربيع الاول 1323هه/28 مئي 1905ع تي ٿي. سندس مزار شهدادڪوٽ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
شيخ نوح هوٿياڻي
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
شيخ ابو طاهر الڪوراني
چاچڙ عبدالوهاب مفتي
حماد الله هاليجوي
امام غزالي رحه
امام نسائي
شيخ عبدالستار برهانپوري
شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون